تحرير اقليدس

تحرير اقليدس (ڪتاب): هيءُ ڪتاب جاميٽري علم بابت ٽئين ۽ چوٿين درجي جو درسي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو منشي ڪوڙي مل پٽ چندنمل ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ جاميٽري جي وصف، سنڌيان 1 کان سنڌيان 37 تائين شامل آهي. ڪتاب چوٿين ۾: وصف يا حدون، سنڌيان 1 کان سنڌيان سورهون شامل آهن. ٽيون ڪتاب 127 صفحن ۽ چوٿون ڪتاب 64 صفحن تي مشتمل آهي. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي تعليم کاتي طرفان اسڪولن لاءِ منظور ڪيو ويو ۽ 1866ع ۾ سرڪاري ڇاپخاني ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 10 آنا آهي. هي ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ ۾ محفوظ آهي.


لفظ تحرير اقليدسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو